قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار کي عهدي تان هٽائڻ جو مطالبو

khursheed-shah-05

قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر خورشيد شاهه وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار کي عهدي تان هٽائڻ جو مطالبو ڪندي چيو آهي ته گهرو وزير جي رويي سبب نواز شريف تي آڱريون کڄي رهيون آهن، سموري دنيا چارسده واقعي جي مذمت ڪئي پر چوڌري نثار هڪ لفظ به نه ڳالهايو.

اسلام آباد ۾ پنهنجي چيمبر ۾ ڳالهائيندي خورشيد شاهه چيو ته چارسده سانحو ڏکيوئيندڙ آهي، حڪومت نيشنل ايڪشن پلان تي عملدرآمد بابت ايوان کي آگاهه ڪري.

خورشيد شاهه وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار تي تنقيد  ڪندي چيو ته سموري دنيا چارسده يونيورسٽي تي حملي جي مذمت ڪئي، پر گهرو وزير ان بابت هڪ لفظ ئي نه ڳالهايو.

هن چيو ته گهرو وزير چوڌري نثار جي رويي سبب وزير اعظم نواز شريف تي آڱريون کڄي رهيون آهن، لڳي ٿو ته حڪومت الله معسود جي موت جي خبر تي روئيندڙن کي اڃا تائين افسوس آهي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*