نوابشاهه ۾ تاريخي ماڳ چانهون جي دڙي جي فرانس جي ماهرن پاران کوٽائي دوران تاريخي مڻڪا، ٿانوَ، رانديڪا ۽ ٻيون شيون هٿ

nawabshah-daro

نوابشاهه ۾ تاريخي ماڳ چانهون جي دڙي جي فرانس جي ماهرن پاران کوٽائي دوران تاريخي مڻڪا، ٿانوَ، رانديڪا ۽ ٻيون شيون هٿ ڪيون ويون آهن.

فرانس جي قونصل جنرل فرنسوا دل ارشو ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي چيو ته پاڪستاني حڪومت جي سهڪار سان چانهون جي دڙي مان آثار هٿ ڪيا پيا وڃن.

قونصل جنرل جو چوڻ هو ته ماڳ جي کوٽائي دوران سوين سال پراڻا مڻڪا، پٿرن جا اوزار، پٿر جي ڇري، ڏاند گاڏين جا فريم، قدمي دور جا ٿانوَ ۽ رانديڪا مليا آهن.

قونصل جنرل جو وڌيڪ چوڻ هو ته چانهون جو دڙو موهن جي دڙي جو هم اثر آهي، وڌيڪ نوادات هٿ ڪرڻ لاءِ فرانس جا چار ماهر ڪم ڪري رهيا آهن، جيڪو 5 هفتن تائين جاري رکيو ويندو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*