عوامي نيشنل پارٽي، آرمي پبلڪ اسڪول ۽ باچا خان يونيورسٽي تي دهشتگرد حملن جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو

anp zahid

عوامي نيشنل پارٽي، آرمي پبلڪ اسڪول ۽ باچا خان يونيورسٽي تي دهشتگرد حملن جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي، سينيٽر زاهد خان چيو آهي ته الرٽ جاري ٿيڻ باوجود حملي کي ناڪام نه بڻائڻ صوبائي حڪومت جي نااهلي جو ثبوت آهي.

عوامي نيشنل پارٽي جي ترجمان پاران جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو ته عوامي نيشنل پارٽي کي ڪي پي ڪي ۾ دهشتگردي جي واقعن ۾ واڌ تي ڳڻتي آهي.

زاهد خان چيو ته نيشنل ايڪشن پلان تي درست عملدرآمد نه ٿيڻ سبب دهشتگرد تعليمي ادارن تي حملي ڪري معصوم شاگردن کي گولين جو کاڄ بڻائي رهيا آهن.

هن چيو ته حڪومت جي ناقص پاليسين سبب آرمي پبلڪ اسڪول ۽ چارسده جي باچا خان يونيورسٽي تي حملي ۾ شهيدن جون قربانيون رائيگان ٿيندي نظر اچي رهيون آهن.

عوامي نيشنل پارٽي مطالبو ڪيو آهي ته اي پي ايس ۽ باچا خان يونيورسٽي تي حملن جي جاچ لاءِ جڊيشل ڪميشن جوڙي ڪوتاهي جو مظاهرو ڪندڙ ادارن جو تعين ڪيو وڃي.

واضح رهي ته آرمي پبلڪ اسڪول تي حملي ۾ ٻارڙن سميت ڏيڍ ســـــــــئو ڄڻا شهيد ٿيا، جڏهن ته تازو ئي باچا خان يونيورسٽي تي دهشتگرد حملي ۾ هڪ پروفيسر سميت 21 ڄڻا دهشتگردي جي ور چڙهي چڪا آهن……….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*