پاڪستان دهشتگردي خلاف فيصلائتي جنگ ۾ رڌل آهي،خطي لاءِ ناسور بڻيل دهشتگردن کي شڪست ڏني ويندي: نواز شريف

nawaz-22-01-16

وزير اعظم نواز شريف چيو آهي ته پاڪستان دهشتگردي خلاف فيصلائتي جنگ ۾ رڌل آهي، امن دشمنن کي چِـــٿڻ لاءِ نيشنل ايڪشن پلان جوڙيو، جنهن جا مثبت نتيجا ملي رهيا آهن، خطي لاءِ ناسور بڻيل دهشتگردن کي شڪست ڏني ويندي.

ڊيووس ۾ واپارين کي خطاب ڪندي نواز شريف چيو ته ملڪي سلامتي جي بهتري سان معاشي بحران حل ٿيندو، جڏهن ته پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ به اضافو ٿيندو.

هن چيو ته حڪومت جي بهتر پاليسين سبب پاڪستان جي معيشت بهتر ٿي رهي آهي، جڏهن ته دنيا اسلام آباد جي مضبوط ٿيندڙ معيشت کي به ساراهيو آهي.

نواز شريف چيو ته پاڪستان دهشتگردي خلاف جنگ ۾ رڌل آهي، جڏهن ته انتهاپسندن کي چٿڻ لاءِ نيشنل ايڪشن پلان جوڙيو، جنهن جا مثبت نتيجا ملي رهيا آهن.

وزير اعظم چيو ته پاڪستان ۾ حقيقي تبديلي آئي آهي، عدلــيه ۽ ميڊيا آزاد ۽ خودمختيار آهن، جڏهن ته سول سوسائٽي به متحد ٿي چڪي آهي.

وزير اعظم چيو ته پاڪ-چين اقتصادي راهداري منصوبو پاڪستان سميت خطي لاءِ اهم ثابت ٿيندو، جڏهن ته سيڙپڪاري جا نوان موقعا پيدا ٿيندا.

نواز شريف وڌيڪ چيو ته پاڪستان پاڙيسري ملڪن سان بهتر ۽ نتيجا ڏيندڙ لاڳاپا چاهي ٿو، خطي ۾ امن جي بحالي لاءِ جدوجهد جاري رکي ويندي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*