خيرپور ۾ اينٽي ڪرپشن اسڪارپ ورڪشاپ جي ڊويزن آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو

khirpur-map-anti19-8

خيرپور ۾ اينٽي ڪرپشن اسڪارپ ورڪشاپ جي ڊويزن آفيس تي ڇاپو هڻي رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو، عملدارن موجب ڪرپشن جي شڪايتن تي جاچ ڪرڻ لاءِ رڪارڊ حاصل ڪيو ويو آهي.

اينٽي ڪرپشن ٽيم سرڪل آفيسر امداد علي دراوچ ۽ جوڊيشل مئجسٽريٽ بهادر علي مهيسر جي اڳواڻي ۾ اسڪارپ ورڪشاپ جي ڊويزن آفيس تي ڇاپو هنيو.

ڇاپي دوران اينٽي ڪرپشن ٽيم عملي کان پڇا ڳاڇا ڪرڻ کانپوءِ  2013 کان 16 ع تائين جو رڪارڊ تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي.

سرڪل آفيسر جو چوڻ آهي ته آفيس ۾  مٽيريل جي خريداري، ٽيوبويلن جي ڪم ۾ ڪروڙين رپين جي ڪرپشن واري شڪايتن تي جاچ شروع ڪئي وئي آهي، ملوث عملي خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*