سنڌ اسيمبلي ۾ باچا خان يونيورسٽي تي دهشتگردن جي حملي خلاف مذمتي ۽ شهيدن جي وارثن سان ايڪتا جي اظهار وارو ٺهراءَ اتفاق راءِ سان منظور

sindh-assembly

سنڌ اسيمبلي ۾ باچا خان يونيورسٽي تي دهشتگردن جي حملي خلاف مذمتي ۽ شهيدن جي وارثن سان ايڪتا جي اظهار وارو ٺهراءَ اتفاق راءِ سان منظور ڪيو ويو آهي، ميمبرز وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار تي سخت تنقيد ڪندي  پنجاب ۾ دهشتگردن خلاف آپريشن شروع ڪرڻ ، مولانا عبدالعزيز ۽ حافظ سعيد خلاف ڪارروائي جو مطالبو ڪيو آهي.

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن دوران تعليم واري وزير نثار احمد کهڙي باچا خان يونيورسٽي تي دهشتگردن جي حملي خلاف مذمتي ۽ شهيدن جي وارثن سان ايڪتا جي اظهار لاءِ ٺهراءُ پيش ڪيو، جنهن جي  اتفاق راءِ سان منظوري ڏني وئي.

اجلاس دوران پ پ ۽ متحده ميمبرز چوڌري نثار سميت وفاقي حڪومت تي سخت تنقيد ڪندي چيو ته وفاقي سرڪار جي نا اهلي سبب دهشتگرد  اسڪولن ۽ يونيورسٽين تي  حملا ڪري رهيا آهن.

پ پ ۽ متحده ميمبرز چيو ته 1979ع ۾ شروع ٿيل جنگ جو حصو بڻجڻ تي  انتها پسندي ۽ دهشتگردي جهڙا  تحفا مليا.

سنڌ اسيمبلي ميمبرز وفاقي حڪومت  جي پرڏيهي پاليسي تي به سخت تنقيد ڪندي دهشتگردن خلاف پنجاب ۾ ڪارروايون ڪرڻ جو مطالبو ڪيو.

پ پ ۽ متحده ميمبرز لال مسجد جي مولانا عبدالعزيز ۽ جماعت الدعوا جي حافظ سعيد خلاف سخت ڪارروائي جو مطالبو ڪندي چيو ته وفاقي حڪومت عوام جي جان ۽ مال جي تحفظ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي.

اجلاس دوران ناڻي واري وزير سيد مراد علي شاهه مختلف ميمبرز جي سوالن جا جواب ڏيندي چيو ته وفاقي سرڪار ايل اين جي معاملي تي سنڌ سرڪار کي اعتماد ۾ نه پئي وٺي.

هن چيو ته ڪي اليڪٽرڪ ۽حيسڪو جهڙن ادارن تي وفاق جو ڪنٽرول آهي ۽ اهي ادارا اور بلنگ ڪري بليڪ ميل ڪن ٿا.

سيد مراد علي شاهه چيو ته آئين تحت سي سي آءِ جو اجلاس هر ٽن مهينن ۾ ٿيڻو آهي، پر 10 مهينا گذرڻ باوجود گڏيل مفادن واري ڪائونسل جو اجلاس نه ٿيو آهي، جنهن سبب ڪيترائي مسئلا پيش نه ڪري سگهيا آهيون.

سنڌ اسيمبلي ۾ مختلف معاملن تي بحث جاري هو ته اسپيڪر ڪارروائي ايندڙ سومر تائين ملتوي ڪري ڇڏي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*