ڪوئيٽا ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڊي پي او خاران ۽ سندس ڊرائيور زخمي ٿي پيو

ڪوئيٽا ۾ هٿياربندن جي فائرنگ ۾ ڊي پي او خاران ۽ سندس ڊرائيور  سخت زخمي ٿي پيو، جن کي اسپتال منتقل ڪيو  ويوآهي.

ڪوئيٽا جي عالم خان پاڙي ۾ هٿياربندن ڊي پي او خاران محمد انور باديني جي گاڏي تي فائرنگ ڪئي، جنهن جي نتيجي ۾ هو ۽ سندس ڊرائيور  زخمي  ٿي پيو.

هٿياربندن جي فائرنگ ۾ زخمي ٿيل ڊي پي او خاران  ۽ سندس ڊرائيور کي ڳڻتي جوڳي حالت ۾ ڊسٽرڪٽ هيڊ ڪوارٽر اسپتال منتقل ڪيو آهي.

ڪوئيٽا ۾ فائرنگ ۽ شهرين تي حملا روز جو معمول بڻيل آهن پر صوبائي حڪومت امن امان جي صورتحال بهتر بڻائڻ ۾ ناڪام ثابت ٿي آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*