اقتصادي راهداري بابت غلط فهمين کي سجهڻو پوندو، ملڪ ۾ توانائي بحران هوندو ته سيڙپڪار واپس هليا ويندا: احسن اقبال

ihsan-iqbal

رٿابندي جي وفاقي وزير احسن اقبال چيو آهي ته اقتصادي راهداري بابت غلط فهمين کي سجهڻو پوندو، ملڪ ۾ توانائي بحران هوندو ته سيڙپڪار واپس هليا ويندا.

لاهور ۾ پاڪ چين اقتصادي راهداري منصوبي بابت سيمينار کي خطاب ڪندي احسن اقبال چيو ته  چئن مرحلن واري منصوبي ۾ گوادر جي مهاڻن کي جديد سهولتون ڏيڻ کان ويندي اڪنامڪ زونز جي قيام جا مرحلا شامل آهن.

 هن چيو ته چيني صدر جي دوري دوران اربين ڊالرز جا معاهدا ڪيا ويا، جيڪي غلط فهميون آهن، انهن کي سمجهڻ جي ضرورت آهي.

هن چيو ته راهداري منصوبو 2 يا 3 سالن جو نه پر 15 سالن جو آهي ۽ اهو  2030 ۾ مڪمل ٿيندو.

احسن اقبال چيو ته جڏهن بجلي نه هوندي ته ملڪ ۾ اڪنامڪ زون ڪيئن لڳائي سگهبا  ۽ چين توانائي بحران جي خاتمي لاءِ سهڪار جو اعلان ڪيو آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*