ڪي پي ڪي جي شهر هنگو مان چئن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو

hango05-9

ڪي پي ڪي جي شهر هنگو مان چئن دهشتگردن کي گرفتار ڪيو ويو، پشاور پوليس مختلف علائقن ۾ سرچ آپريشن ڪري 90 شڪي جوابدارن کي گرفتارڪري ورتو، اسلام آباد مان به 8 شڪي جوابدارن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي.

اسلام آباد جي باره ڪهو واري علائقي ۾ رينجرز ۽ پوليس جي سرچ آپريشن دوران 8 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو.

سي ٽي ڊي هنگو ۾ ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل تنظيم سان واڳيل جوابدار کي چئن ساٿين سوڌو گرفتار ڪري ورتو.

سي ٽي ڊي موجب جوابدار جي گرفتاري تي 10 لک رپيا انعام رکيل هو، سندن قبضي مان راڪيٽ لانچرز، ڪلاشنڪوف ۽ ٻيا هٿيار هٿ ڪيا ويا آهن.

پشاور جي پهاڙگنج ۽ فقيرآباد واري علائقي ۾ سرچ آپريشن دوران 400 گهرن جي جهڙتي ورتي وئي ۽ 90 شڪي ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو.

پوليس موجب 35 ڄڻن کي گهربل قانوني دستاويز نه هئڻ تي حراست ۾ ورتو ويو، حراست ۾ ورتلن ۾ 17 افغاني به شامل آهن.

پوليس موجب سرچ آپريشن دوران هڪ ڪلاشنڪوف ۽ 2 پستول به هٿ ڪيا ويا آهن……………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*