پنجاب کي فائدو پهچائي ٻين صوبن ۾ محرومي وارو احساس پيدا ڪرڻ نٿا چاهيون:خواجه سعد رفيق

sad-rafiq

ريلوي واري وفاقي وزير خواجه سعد رفيق چيو آهي ته  هو  پنجابي بڻجي نه  پيا سوچن، پنجاب کي فائدو پهچائي ٻين صوبن ۾ محرومي وارو احساس پيدا ڪرڻ نٿا چاهيون پر اقتصادي راهداري منصوبي کي  ڪالاباغ ڊيم جيان تڪراري نه بڻايو وڃي.

لاهور ۾  پاڪستان ريلوي ۾ نجي ڪمپنين جا اشتهار لڳائڻ بابت  معاهدي واري تقريب دوران ميڊيا سان ڳالهائيندي خواجه سعد رفيق  چيو ته پاڪستان ريلوي  ۾ خسارو گهٽجي رهيو آهي.

وفاقي وزير  چيو ته هو  پنجابي بڻجي نه  پيا سوچن، پاڪستان ريلوي قومي ادارو آهي ، پنجاب کي فائدو پهچائي ٻين صوبن ۾محرومي وارو احساس پيدا ڪرڻ نٿا چاهيون.

هن چيو ته ريلوي جي ملازمن کي وڌيڪ سهولتون ڏنيون وينديون ۽ ريلوي اسٽاف جي ڪوارٽرز جي اپ گريڊيشن لاءِ فنڊز رکيا ويا آهن.

ريلوي واري وزير  چيو ته اقتصادي راهداري منصوبي  کي ڪالاباغ ڊيم جيان تڪراري نه بڻايو وڃي ۽ راهداري منصوبي لاءِ ملندڙ قرض ايم ايل ون تي خرچ ڪيو ويندو.

خواجه سعد رفيق چيو ته لاهور ۾ ريلوي ٽريڪ کي ترجيحي بنياد تي ڊبل ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*