سانگهڙ ضلعي جي ٽن ميونسپل ڪميٽيز، 10 ٽائون ڪميٽيز ۽ 68 يوسيز تي چونڊن لاءِ پولنگ عمل جاري

sanghar-voting

سانگهڙ ضلعي جي ٽن ميونسپل ڪميٽيز، 10 ٽائون ڪميٽيز ۽ 68 يوسيز تي چونڊن لاءِ پولنگ عمل جاري آهي، فنڪشنل ليگ پاران شهدادپور جي يوسي 5 جي 6 پولنگ اسٽيشنز  تي پولنگ عمل جو بائيڪاٽ ڪندي ڌانڌلي جو الزام هنيو ويو آهي.

سانگهڙ ضلعي ۾ مڪاني چونڊن دوران 7 لک 15 هزار ووٽرز پنهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪري رهيا آهن، جڏهن ته  16 سئو 50 اميدوارن ۾ مقابلو ٿي رهيو آهي، پولنگ عمل ساڍي ستين وڳي شروع ٿيو، جيڪو شام ساڍي پنجين وڳي تائين جاري رهندو.

 ضلعي ۾ پيپلزپارٽي پاران نويد ڏيرو، خادم حسين رند، علاءُ الدين جوڻيجو ۽ فنڪشنل ليگ پاران روشن جوڻيجو، محبوب راڄڙ، دلبر نظاماڻي ۽ الهبچايو نظاماڻي آمهون سامهون آهن.

چونڊن دوران امن امان برقرار رکڻ لاءِ 7 هزار پوليس اهلڪار ۽ هڪ هزار کان وڌيڪ رينجرز اهلڪار مقرر ڪيا ويا  آهن ۽ 2 ڊي آءِ جيز ، 10  ايس ايس پيز جون  پڻ ڊيوٽيون لڳايون ويون آهن.

مڪاني چونڊن جي موقعي تي اڄ سانگهڙ ضلعي ۾ عام موڪل  آهي.

شهدادپور جي يوسي 5 جي پولنگ اسٽيشن شير خان ٽالپر، ميراچن، محمد انڙ، پانڌي زرداري، ٻيرڙو زرداري تي پولنگ عمل جو بائيڪاٽ ڪيو ويو آهي.

اڳواڻن الزام هڻندي چيو ته يوسي 5 جي سمورن پولنگ اسٽيشنز تان بيلٽ پيپرز چوري ڪيا ويا آهن ۽ پولنگ اسٽيشنز کي تبديل ڪري من پسند عملو مقرر ڪيو ويو آهي…………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*