سانگهڙ ۾ مختلف ضلعن مان آيل ايس ايس پيز سندن پولنگ ايجنٽس ۽ پرزائيڊنگ آفيسرز کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن:ڄام مدد علي

Jam Madad Ali

فنڪشنل ليگ  اڳواڻ ڄام مدد علي چيو آهي ته  سانگهڙ ۾ مختلف ضلعن مان آيل ايس ايس پيز سندن پولنگ ايجنٽس ۽ پرزائيڊنگ آفيسرز کي ڌمڪيون ڏئي رهيا آهن.

ڪي ٽي اين نيوز سان ڳالهائيندي ڄام مدد علي چيو ته پ پ حڪومت پاران سانگهڙ ۾ منظم نموني ڌانڌلي لاءِ ٻه ڀيرا چونڊون ملتوي ڪرايون ويون.

هن چيو ته اليڪشن ڪميشن جي روڪڻ باوجود پ پ ايم اين اي شازيه مري به پوليس موبائيلن سان گڏ مختلف پولنگ اسٽيشنز تي وڃي سندن ووٽرز کي حراسان ڪري رهي آهي.

هن چيو ته ڌانڌلين باوجود مخالفن جو مقابلو ڪيو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*