چين جي يونيورسٽي ۾ 2 ڏينهن اڳ پر اسرار نموني فوت ٿيل لاکاروڊ واسي نوجوان جو مڙهه اڃا تائين ڏيهه نه پهتو

چين جي يونيورسٽي ۾ 2 ڏنهن اڳ پر اسرار نموني فوت ٿيل لاکاروڊ واسي نوجوان جو مڙهه اڃا تائين ڏيهه نه آندو ويو، جڏهن ته فوتي نوجوان سان گڏ بيهوشي واري حالت ۾ هٿ آيل گهوٽڪي واسي شاگرد جو چين جي هڪ اسپتال ۾ علاج جاري آهي.

چين جي جنگزو شهر جي يانگزي يونيورسٽي ۾ تعليم حاصل ڪندڙ لاکا روڊ واسي شاگرد قائم الدين لاکو جو هاسٽل جي ڪمري مان لاش مليو، جڏهن ته ساڻس گڏ رهندڙ گهوٽڪي واسي نوجوان معروف مهر بيهوشي واري حالت ۾ هٿ آيو، جنهن کي اسپتال منتقل ڪيو ويو.

جانگزي اسپتال جي ڊاڪٽرز جو چوڻ آهي ته نوجوان جي فوت ٿيڻ بابت ميڊيڪل رپورٽ جو جائزو ورتو پيو وڃي.

چين جي پوليس جو چوڻ آهي ته  72 ڪلاڪن اندر ضروري ڪاررروائي بعد نوجوان جو مڙهه پاڪستان موڪليو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*