ڪوٽ غلام محمد ۾ پنهنجي مدد پاڻ تحت هزارين آبادگارن جمڙائو ڪئنال ۽ جواريا سر ڊسٽري شاخ جي کاٽي ڪري صفائي وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو

kot-ghulam-mohmd

ڪوٽ غلام محمد ۾ پنهنجي مدد پاڻ تحت هزارين آبادگارن جمڙائو ڪئنال ۽ جواريا سر ڊسٽري شاخ جي کاٽي ڪري صفائي وارو ڪم شروع ڪري ڇڏيو آهي.

 ايس ڊي او آبپاشي حبيب الله برهماڻي ڊاروغي اڪبر شيخ ڪوڏرون کڻي هڪ فرلانگ شاخ جي کاٽي ڪري مهم جو آغاز  ڪيو.

ان دوران هزارين آبادگارن پنهنجي مدد پاڻ جمڙائو ڪئنال جي ريگو ليٽر 101 سميت 3  شاخن جي مين گيٽن جو رنگ ۽ مرمت وارو ڪم پڻ ڪرايو ويو.

هارين جمڙائو ڪئنال جي ڳچ حصي سميت جوارياسر شاخ جي ڪوڏرن سان 2 فٽ کاٽي ڪري صفائي وارو ڪم ڪيو.

آبادگارن پنهنجي مدد پاڻ جمڙائو ڪئنال جي ريگوليٽر 101 سميت 3 شاخن دليري، ڪوٽ غلام محمد جي مين گيٽن ۽ مورين جو رنگ ۽ مرمت وارو ڪم پڻ ڪرايو ويو.

ايس ڊي او آبپاشي حبيب الله برهماڻي جو چوڻ هو ته ڪئنال ۽ شاخن ۾ صفائي ۽ کاٽي وارو ڪم ڪرائڻ سان پاڻي جي وهڪري وارو نظام بهتر ٿيندو.

 هن چيو ته سالانه وارا بنديون ختم ٿيڻ واريون آهن پاڻي اينديئي قانون موجب هر شاخ کي پنهنجي حصي جو پاڻي ڏنو ويندو……………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*