ٺل ڀرسان 8 سال اڳ اغوا ٿي ويل فضيله سرڪي جي بازيابي لاءِ وارثن يارهين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو

thul-fazila-protest

ٺل ڀرسان 8 سال اڳ اغوا ٿي ويل فضيله سرڪي جي بازيابي لاءِ وارثن يارهين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو.

پيءَ عبدالرزاق سرڪي ۽ امڙ سڪينه سرڪي قران پاڪ کڻي پريس ڪلب آڏو يارهين ڏينهن به احتجاجي مظاهرو ڪيو جتي شهرين ۽ ايس ٽي پي ڪارڪنن پاران پڻ حمايت ڪندي احتجاج ۾ شامل ٿيا، جتي فضيله جي والدين چيو ته پوليس توڙي چونڊيل نمائندا سندس ڏيءَ جي بازيابي لاءِ ڪي به قدم کڻي نه رهي جنهن ڪري ڪري ڌيءَ بازياب نه ٿي سگھي آهي هن چيو ته جوابدار ڳڙهي حسن ڳوٺ ۾ رهن پيا ۽ پوليس انهن کي گرفتار نه ٿي ڪري ، بااثر ماڻهن جي انگار وهي رهي آهي ۽ هنن اعليٰ اختيارين کان ڌيءَ جي بازيابي سميت ملوث ماڻهن کر گرفتار ڪري انصاف ڏيڻ جي گھر ڪئي

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*