سانگهڙ ضلعي ۾ مڪاني چونڊن سيٺار پير جي پولنگ اسٽيشن خير محمد تي اميدوارن جا چونڊ نشان غلط

sanghar-voting-jari

سانگهڙ ضلعي ۾ مڪاني چونڊن لاءِ پولنگ جاري، يوسي ساڌڻو جي وارڊ نمبر  3 جي 2 پولنگ اسٽيشنز ۽ ڪنڊيارِي جي يوسي سيٺار پير جي پولنگ اسٽيشن خير محمد تي اميدوارن جا چونڊ نشان غلط هئڻ سبب چونڊ ملتوي،  فنڪشنل ليگ پاران شهدادپور جي يوسي 5 جي 6 ئي پولنگ اسٽيشنز تي پولنگ عمل جو بائيڪاٽ، عملو ۽ پولنگ اسٽيشنز تبديل ۽ بيلٽ پيپرز چوري ڪرڻ جا الزام، ڊي آءِ جي فرحت جوڻيجو ۽ رينجرز جي ڪرنل  شاهد پاران مختلف پولنگ اسٽيشنز جو دورو….

کپرو جي يوسي راڻڪ ڏهر جي پولنگ  تي ٻن ڌرين ۾ جهيڙي دوران 3 ڄڻا زخمي ٿيڻ بعد بند ڪيل پولنگ ٻيهر شروع، ٽائون ڪميٽي کڏڙو جي وارڊ نمبر هڪ جي ليڊيز پولنگ تي جهيڙي سبب بند ڪيل پولنگ به ٻيهر شروع، ٽنڊو آدم جي يوسي ماڻڪ ٿهيم جي پولنگ تي جهيڙي دوران 3 ڄڻا زخمي ٿيڻ بعد پولنگ رڪيل……

شاهپور چاڪر جي وارڊ نمبر 2 جي پولنگ اسٽيشن تي ٻن گروپن ۾ جهيڙي سبب ووٽنگ روڪي وئي، ٽائون ڪميٽي تلهار جي وارڊ نمبر 3 جي مين پرائمري بوائز اسڪول ۾ به ڌرين وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب پولنگ رڪيل……..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*