لاهور جي واپارين عمران خان جي ڪال کي رد ڪري ڇڏيو آهي زعيم قادري

پنجاب حڪومت جي ترجمان زعيم قادري چيو آهي ته لاهور جي ماڻهن عمران خان جي احتجاج واري سڏ کي رد ڪري ڇڏيو آهي، کيس سياست ڇڏي معافي وٺي ايوان ۾ ويهڻ گهرجي.

لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي زعيم قادري صحافين کي اهي فٽيجز ڏيکاريا، جن ۾ پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن شهر بند ڪرائڻ لاءِ تشدد جي واٽ ورتي.

ضعيم قادري جو چوڻ هو ته لاهور جي واپارين، ڪاروباري ماڻهن ۽ وڪيل برادري سميت ٻين طبقن عمران خان جي ڪال کي رد ڪري ڇڏيو آهي ۽ عدالتي ڪارروائيون معمول تي هليون آهن.

 هن چيو ته پي ٽي آءِ وارن هن ڀيري به غلط بياني ڪئي ۽ 18 هنڌن تي احتجاج جي ڳالهه ڪرڻ کانپوءِ اهي پنهنجي واعدي تي قائم نه رهيا.

زعيم قادري چيو ته پي ٽي آءِ جي ڪارڪنن لاهور واسين تي تشدد ڪري ثابت ڪيو آهي ته هو غنڊه گردي کان نه ٿا مڙن تنهنڪري سندن خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي.

هن چيو ته شهر عمران خان جي ڪال باوجود کليل هو ۽ 20 مارڪيٽون معمول موجب ڪم ڪري رهيون هيون ته اوچتو وڳوڙين تشدد جي راهه اختيار ڪئي، جنهن جي جيتري به مذمت ڪجي، گهٽ آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*