لاهور ۾ پي ٽي آءِ جي احتجاج سبب هڪ مريض رستي ۾ فوت ٿي ويو

پي ٽي آءِ جي احتجاج سبب هڪ مريض رستي ۾ ئي فوت ٿي ويو آهي، پنجاب جي صحت واري وزير ٽن ڄڻن جي فوت ٿيڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، ضعيم قادري چيو آهي ته فوتي نينگر جي وارثن جي فرياد تي عمران خان خلاف ڪيس داخل ڪيو ويندو.

راوي پُل تي پي ٽي آءِ جي احتجاج سبب هڪ ايمبولنس کي رستو نه مليو، جيڪا 20 منٽن تائين ڦاٿل رهي.

رستو نه ملڻ سبب ايمبولنس ۾ سوار 15 ورهين جو هڪ نوجوان ايمبولنس ۾ ئي تڙپي فوت ٿي ويو.

فوتي نينگر جي وارثن جو چوڻ آهي ته هنن جو احتجاج ڪندڙن يا حڪومت سان ڪجهه به ڏيڻ وٺڻ نه آهي پر سندن نوجوان اسپتال نه پهچي سگهيو، جيڪو ڌرڻي وارن جو قصور آهي ۽ هو ڪيس داخل ڪرائيندا.

پنجاب جي صحت واري وزير سلمان رفيق بٽ جو چوڻ آهي ته ٻارڙي سميت 3 ڄڻا فوت ٿيا آهن.

پنجاب حڪومت جي ترجمان زعيم قادري جو چوڻ آهي ته فوتي نينگر جي وارثن جي فرياد تي نوجوان جو ڪيس عمران خان خلاف داخل ڪرايو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*