ڏهرڪي ويجهو پٽڙي ڪراس ڪندي هڪ نينگر سميت 3 ڳوٺاڻا شاليمار ايڪسپريس هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا

dhahrki-map03-9

ڏهرڪي ويجهو پٽڙي ڪراس ڪندي هڪ نينگر سميت 3 ڳوٺاڻا شاليمار ايڪسپريس هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا آَهن، جن جا لاش اسپتال منتقل ڪيا ويا.

اينگرو ڦاٽڪ وٽ پٽڙي ڪراس ڪندڙ نوجوان ڪليم الله خشڪ، وسيم سهرياڻي ۽ 8 ورهين جو وسيم سهرياڻي  پنجاب کان ڪراچي ويندڙ شاليمار ايڪپريس هيٺان اچي چيڀاٽجي فوت ٿي ويا.

 واقعي بعد علائقي واسين فوتين جا لاش کڻائي اسپتال منتقل ڪيا، جتان ضروري ڪارروائي کانپوءِ  وارثن حوالي ڪيا ويا.

پوليس جو چوڻ آهي ته حادثي ۾ فوت ٿي ويل ڳوٺ فتح پور جا رهواسي آهن، جيڪي ڳوٺ کان شهر وڃي رهيا هئا ته حادثو پيش آيو………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*