سپريم ڪورٽ اثاثن جا غلط تفصيل ڏيڻ واري ڪيس ۾ اين اي 101 گوجرانوالا تي نواز ليگ ايم اين اي افتخار چيمه جي رڪنيت ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو

Supreme Court pakistan 7-7-15

حڪمران جماعت نواز ليگ جي هڪ وڌيڪ وڪيٽ ڪري پئي، سپريم ڪورٽ اثاثن جا غلط تفصيل ڏيڻ واري ڪيس ۾ اين اي 101 گوجرانوالا تي نواز ليگ ايم اين اي افتخار چيمه جي رڪنيت ختم ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.

چيف جسٽس جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني اليڪشن ٽربينول جي فيصلي خلاف محمد احمد چٺا جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته نون ليگ افتخار احمد چيما تي نامزدگي ڪاغذن ۾ اثاثن جا تفصيل لڪائڻ جو الزام آهي.

سپريم ڪورٽ، اليڪشن ٽربيونل جو فيصلو ڪالعدم قرار ڏيندي افتخار چـــميه جي ميمبر شپ ختم ڪرڻ وارو نوٽيفڪيشن جاري ڪري حڪم ڏنو.

واضح رهي ته اليڪشن ٽربيونل نامزدگي ڪاغذن ۾ اثاثا ظاهر نه ڪرڻ باوجود نون ليگ جي افتخار چيمه کي ڪامياب قرار ڏنو هو……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*