قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين محمود بشير جي صدارت هيٺ ٿيو

قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين محمود بشير ورڪ چيو آهي ته ڪراچي جي مدرسي مان ٻارڙين جي هٿ اچڻ واري معاملي ۾ کيس ملندڙ رپورٽس ۾ ٻڌايو ويو ته انهن ٻارِڙين کي پرڏيهه سمگل ڪيو وڃي ها جتي انهن جا گڙدا، اکيون ۽ ٻيا عضوا ڪڍي وڪرو ڪيا وڃن ها.

قومي اسيمبلي جي قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس چيئرمين محمود بشير ورڪ جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ ڪميٽي کي انساني حقن واري وزارت ٻڌايو ته گرينڊ جرڳي جي موجودگي ۾ سڀني 33 ٻارڙين کي وارثن حوالي ڪيو ويو آهي.

انساني حقن واري وزارت اجلاس کي ٻڌايو ته ڪراچي جي مدرسي مان هٿ ڪيل سڀني 33 ٻارڙين کي گرينڊ جرڳي جي موجودگي ۾ انهن جي والدين حوالي ڪيو ويو آهي ۽ جن ماڻهن انهن کي باجوڙ مان ڪراچي آندو هو، اهي 3 ئي ماڻهو هن وقت جيل ۾ آهن.

انساني حقن واري وزارت اجلاس کي وڌيڪ ٻڌايو ته حميده بيبي نالي عورت انهن ٻارڙين کي والدين جي اجازت سان ڪراچي جي مدرسي ۾ پهچائيندي هئي، هن ايوب نالي هڪ شخص کان قرض ورتو هو، جيڪو واپس نه ڪري سگهي ته ٻارڙيون ان جي حوالي ڪيون ويون.

قانون ۽ انصاف بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين محمود بشير ورڪ چيو ته مونکي اهڙيون رپورٽس ڏنيون ويون آهن ته انهن ٻارِڙين کي پرڏيهه سمگل ڪيو وڃي ها جتي انهن جا گڙدا، اکيون ۽ ٻيا عضوا ڪڍي وِڪيا وڃن ها، ان حوالي سان انساني حقن وارين تنظيمن نئون منفي ڪردار ادا ڪيو.

ان موقعي تي ڪميٽي جي ميمبرن ان معاملي کي صحيح هينڊل نه ڪرڻ تي انساني حقن واري وزارت مٿان ڇوهه ڇنڊيا ۽ چيو ته انساني حقن واري وزارت ان معاملي کي پوليس ڪيس سمجهيو ۽ ڪجهه به نه ڪيو، جيڪو وڏو ڏوهه آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*