ڪي ٽي اين نيوز ڪوٽڙي مان 14 سال اڳ وارثن کان وڇڙي ويل نوجوان کي مائٽن سان ملائي ڇڏيو

ڪي ٽي اين نيوز ڪوٽڙي مان 14 سال اڳ وارثن کان وڇڙي ويل نوجوان کي مائٽن سان ملائي ڇڏيو آهي، ڊگهي عرصي بعد پٽ کي ڏسي ماءُ لڙڪ روڪي نه سگهي.

ٽي ڏينهن اڳ ڪي ٽي اين نيوز تي ڀان سيد آباد ۾ نوجوان جي هٿ اچڻ واري خبر نشر ٿي هئي، جنهن جي ڪوٽڙي واسي مشتاق جويو طور سڃاڻپ ٿي آهي.

مشتاق جويو کي 14 سال اڳ نامعلوم ماڻهو گل کپائڻ دوران  اغوا ڪري  ويا هئا، جنهن جو چوڻ آهي ته کيس ڪي پي ڪي جي هڪ خرکار ڪئمپ ۾ رکيو ويو هو، جتان هو ڀڄي نڪتو آهي.

مشتاق جويو سيوهڻ پهچڻ بعد ڀان سيد آباد پهتو هو، جتي  هڪ شهري مشتاق ٻگهيو کيس پناه ڏني هئي.

نوجوان جي خبر ڪي ٽي اين نيوز تي نشر ٿيڻ بعد اڄ سندس ماءُ ۽ ٻيا مائٽ ڀان سيد آباد پهتا، جنهن  دوران نوجوان جي ماءُ ڊگهي عرصي بعد پٽ کي ڏسي خوشي مان  لڙڪ لاڙي ويٺي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*