مٺي ويجهو پوليس وين واٽهڙو پيرسن کي ٽڪر هڻي ٻنهي ڄنگهن کان معذور بڻائي ڇڏيو

mithi-map

مٺي ويجهو پوليس وين واٽهڙو پيرسن کي ٽڪر هڻي ٻنهي ڄنگهن کان معذور بڻائي ڇڏيو، کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.

ڇاڇرو کان مٺي طرف قيدي کڻي ويندڙ پوليس وين چيلهار ڀرسان ڳوٺ ارنرو ۾ واٽهڙو 60 ورهين جي مصري فقير کي زوردار ٽڪر هنيو.

حادثي جي نتيجي ۾ پيرسن ٻنهي ڄنگهن کان معذور بڻجي ويو، کيس مٺي سول اسپتال منتقل ڪري طبي امداد بعد ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد منتقل ڪيو ويو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*