سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جو قتل ڪيس فوجي عدالت اماڻڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي

Sindh High Court Karachi

سنڌ هاءِ ڪورٽ سرڪٽ بئنچ سکر ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جو قتل ڪيس فوجي عدالت اماڻڻ خلاف داخل درخواست تي ٻڌڻي دوران سنڌ جي گهرو سيڪريٽري کان 16 فيبروري تائين جواب طلب ڪري ورتو آهي.

عدالت ڊاڪٽر خالد محمود سومرو جو قتل ڪيس فوجي عدالت اماڻڻ خلاف جوابدار ڌر پاران داخل ڪيل درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

درخواست ۾ موقف اختيار ڪيو ويو ته خالد محمود سومرو جو قتل ڪيس دهشتگردي ٽوڙ عدالت ۾ هلندڙ آهي، جنهن کي فوجي عدالت ڏانهن نه اماڻيو وڃي.

عدالت اهڙي درخواست تي سنڌ جي گهرو سيڪريٽري کان جواب طلب ڪندي ٻڌڻي 16 فيبروري تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.

 واضح رهي ته ڊاڪٽر خالد محمود سومور جي قتل ڪيس ۾ 6 جوابدار گرفتار آهن، جڏهن ته جي يو آءِ ف پاران احتجاج ڪرڻ بعد سنڌ حڪومت ڪيس فوجي عدالت ڏانهن اماڻڻ جي سفارش ڪئي هئي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*