آزاد ڪشمير جي شهر ميرپور ۾ نيب پاران اڳوڻي صدر ذوالقرنين حيدر جي گهر تي ڇاپو

nab-logo-08

آزاد ڪشمير جي شهر ميرپور ۾ نيب پاران اڳوڻي صدر ذوالقرنين حيدر جي گهر تي ڇاپي دوران احتساب بيورو جي ڊائريڪٽر تي مبينا طور حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ هو زخمي ٿي پيو.

نيب ميرپور ۾ آزاد ڪشمير جي اڳوڻي صدر راجا ذوالقرنين حيدر جي گهر تي ڇاپو هنيو، جنهن دوران سڪيورٽي گارڊز پاران مزاحمت ڪئي وئي.

 نيب اختيارين موجب ڇاپي دوران نيب جي ٽيم تي حملو ڪيو ويو، جنهن ۾ ڊپٽي ڊائريڪٽر اصغر خان زخمي ٿي پيو.

نيب جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اصغر خان جو چوڻ آهي ته پوليس جي موجودگي ۾ کيس تشدد جو نشانو بڻايو ويو پر اهلڪار ڏسند رهيا.

واضح رهي ته نيب ڪجهه ڏينهن اڳ ڪرپشن الزام هيٺ راجا ذوالقرنين حيدر جي پٽ کي گرفتار ڪيو هو………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*