ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڀنگ لاءِ اغوا جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي چئن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي

atc11-9

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڀنگ لاءِ اغوا جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي چئن جوابدارن کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي، جڏهن ته غير قانوني هٿيار رکڻ واري ڪيس ۾ 5 جوابدارن کي 24-24 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي، ڪراچي جي هڪ مقامي عدالت ڦر ڪيس ۾ سياسي جماعت جي ٻن ڪارڪنن کي 12-12 سال قيد جي سزا ٻڌائي.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڀنگ لاءِ اغوا جو ڏوهه ثابت ٿيڻ تي چئن جوابدارن مجاهد علي، امجد، ڪامران ۽ سجاد کي عمر قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

عدالت پاران غير قانوني هٿيار رکڻ واري ڪيس ۾ به جوابدارن کي 7 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي.

جوابدارن 5 جولاءِ 2014ع دوران ملير ڪينٽ واري علائقي مان 18 ورهين جي شهباز نديم کي اغوا ڪري 7 لک رپيا ڀنگ طلب ڪيو هو.

دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڌماڪيدار مادو ۽ هٿيار رکڻ واري هڪ ڪيس ۾ 5 جوابدارن کي 24-24 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي.

جوابدار حضور بخش، يارمحمد، شوڪت ۽ عرفان سميت 5 جوابدارن 24 آگسٽ 2014ع تي گرفتار ڪيو ويو هو.

ٻئي طرف ڪراچي جي مقامي عدالت هڪ سياسي جماعت جي ٻن ڪارڪنن آصف ۽ حبيب الله کي هٿيار رکڻ ۽ ڦر ڪيس ۾ 12-12 سال قيد جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي.

عدالت جوابدارن کي 30 هزار رپيا ڏنڊ جي سزا به ٻڌائي، جيڪو ادا نه ڪرڻ جي صورت ۾ کين وڌيڪ هڪ سال قيد جي سزا ڀوڳڻي پوندي.

جوابدارن مٿان فيبروري 2014ع دوران عرفان نالي هڪ شهري کان هٿيارن جي زور تي ڦرلٽ ڪرڻ جو الزام هو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*