آسڪر ايوارڊ لاءِ 12 نامزدگيون حاصل ڪندڙ “دي ريوننٽ” جو ميڪسيڪو ۾ پريميئر

falam-award-prmo

آسڪر ايوارڊ لاءِ 12 نامزدگيون حاصل ڪندڙ “دي ريوننٽ” جو ميڪسيڪو ۾ پريميئر ٿيو، ڊائريڪٽر اليجينڊرو اناريٽو چيو آهي ته ليونارڊو ڊي ڪيپريو نه رڳو بهترين اداڪار ۽  واريئر پر ڪامريڊ آهي، جنهن ايترين ڏکين حالتن ۾ شوٽنگ ڪئي.

“دي ريوننٽ” ڪينيڊا ۽ ارجنٽائن ۾ سخت ڏکين حالتن ۾ فلمائي وئي آهي، فلم جي ڪهاڻي 1820ع جي سچي واقعي تي ٻڌل آهي، جنهن ۾ شڪاري هيو گلاس کي سندس ساٿي رڇ جي حملي بعد سخت زخمي حالت ۾ مرڻ لاءِ ڇڏي ويندا آهن پر هو سخت تڪليفن باوجود گاهه، ڪچو گوشت کائي ۽ دشمنن جي حملن کان بچي ڪيمپ پهچي ويندو آهي ۽ پوءِ وري بدلو وٺڻ لاءِ نڪرندو آهي.

ميڪيسيڪو ۾ فلم جي پريميئر دوران ڊائريڪٽ اليجينڊرو اناريٽو چيو ته فلم کي 12 نامزدگيون ملڻ وڏي مڃتا آهي، ايوارڊ ملي يا نه پر فلم اڳ ئي کٽي چڪي آهي، ليونارڊو ڊي ڪيپريو، واريئر، ڪامريڊ ۽ بهترين اداڪار آهي ۽ سندس صورت ۾ کيس وڏو دوست ملي ويو آهي.

ليونارڊو ڊي ڪيپريو جو چوڻ هو ته فلم جي شوٽنگ وقت نه رڳو عملي پر اداڪارن لاءِ به صورتحال تمام سخت هئي، رت ڄمائيندڙ سيءَ ۾ ڪم ڪرڻ آسان نه هو پر جڏهن ڊائريڪٽر هر فريم کي دوربين جيان ڏسندو هجي ته توهان کي بهترين ڪم ڪرڻو ئي پوي ٿو.

اناريٽو گذريل سال برڊ مين تي بهترين ڊائريڪٽر ۽ بهترين فلم جا آسڪر ايوارڊ ماڻي چڪو آهي ۽ هيل به سندس فلم 12 نامزدگيون ماڻيون آهن، جڏهن ته “دي رويننٽ” باڪس آفيس تي ڇانيل آهي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*