نيوزيلينڊ جي ٽيم خلاف ميچ ۾ ڪاميابي سمورن رانديگرن جي ڪوششن سبب نصيب ٿي وقار يونس

قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان فاسٽ بالر۽ موجوده ٽيم جي هيڊ ڪوچ وقاريونس چيو آهي ته نيوزيلينڊ جي ٽيم خلاف ٽين ون ڊي ميچ ۾ ٽيم جي سمورن رانديگرن جي گڏيل ڪوششن سبب ڪاميابي نصيب ٿي آهي.

گڏيل عرب امارتن جي شهر شارجه ۾ قومي ٽيم ٽين ون ڊي ميچ ۾ نيوزيلينڊ جي ٽيم کي هڪ طرفي مقابلي بعد 147 رنز تان شڪست ڏئي ڪاميابي حاصل ڪئي.

ٽين ون ڊي ميچ ۾ قومي ٽيم جي قيادت مصباح الحق جي انجري سبب شاهد آفريدي ڪئي.

وقاريونس ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته ميچ ۾ شاهد آفريدي سٺي ڪپتاني ڪئي پر اهو چوڻ ته ٽيم جي قيادت تبديل ٿيڻ سبب ميچ ۾ ڪاميابي ملي آهي، اها ڳالهه صحيح نه آهي.

قومي ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان جو وڌيڪ چوڻ هو ته هو گهڻُو پراميد آهي ته مصباح الحق ايندڙ چئن هفتن اندر مڪمل فٽ ٿي ويندو.

سندس چوڻ هوته ميچ ۾ ٽيم جي سمورن رانديگرن بهترين ڪارڪاردگي جو مظاهرو ڪيو،جنهن سبب ٽيم فتح ملي آهي.

وقاريونس جو وڌيڪ چوڻ هو ته بيٽنگ ۽ بالنگ سان گڏ ٽيم جي فيلڊنگ تي وڌيڪ ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي.

واضح رهي ته قومي ڪرڪيٽ ٽيم ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت ڪرڻ لاءِ 21 جنوري تي آسٽريليا رواني ٿيندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*