ڄامشوري ٿرمل پاور هائوس جي 500 ڪي وي هاءِ ٽرانسميشن لائين ٽرپ 7 ڪلاڪن بعد بحال

jamshoro_power_station-1024x768

ڄامشوري ٿرمل پاور هائوس جي 500 ڪي وي هاءِ ٽرانسميشن لائين ٽرپ ٿيڻ سبب ڪراچي جي 80 سيڪڙو علائقن کي بند ٿيل بجلي جي بحاليءَ جو سلسلو جاري آهي، ڪي اليڪٽرڪ ترجمان موجب فيڊرل بي ايريا، بهادرآباد ۽ گلشن اقبال سميت اڪثر علائقن ۾ بجلي بحال ڪئي وئي آهي، حيدرآباد، ڄامشورو، سيوهڻ، ڪوٽڙي ۽ نورآباد جي بجلي پڻ بحال ڪئي وئي.

گذريل رات ڄامشوري کان ڪراچي ويندڙ 500 ڪي وي هاءِ ٽرانسميشن لائين ٽرپ ڪري وڃڻ سبب ڪراچي جي 80 سيڪڙو علائقن سميت حيدرآباد، ڄامشوري، سيوهڻ، ڪوٽڙي ۽ نورآباد اونداهيءَ جي لپيٽ ۾ اچي ويا هئا.

ڪي اليڪٽرڪ انتظاميا موجب شهر ۾ بجليءَ جي بحالي لاءِ تيزيءَ سان ڪم جاري آهي، گلشن اقبال، فيڊرل بي ايريا، ڊفينس ۽ بهادرآباد سميت اڪثر علائقن ۾ بجلي بحال ڪئي وئي آهي.

ڪي اليڪٽرڪ ترجمان موجب جناح، عباسي شهيد ۽ سول اسپتال سميت ڌاٻيجي  پمپنگ اسٽيشن سميت اڪثر علائقن جي بجلي بحال ڪئي ويندي.

ڪي اليڪٽرڪ ترجمان موجب مڪمل بجليءَ جي بحالي لاءِ ڪوبه وقت نٿو ڏئي سگهجي، باقي علائقن جي بجلي به جلد بحال ڪئي ويندي.

حيدرآباد، ڄامشورو، ڪوٽڙي نورآباد ۽ سيوهڻ جي مختلف علائقن ۾ پڻ بجليءَ جي فراهمي بحال ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*