نيوزيلينڊ هٿان شڪست مٿان شڪست کانپوءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿي رهيو

pak-newsz

نيوزيلينڊ هٿان شڪست مٿان شڪست کانپوءِ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿي رهيو آهي، ذريعن جو چوڻ آهي ته هيڊ ڪوچ وقار يونس عهدي تان استعيفيٰ ڏيڻ جي آڇ ڪئي آهي.

قذافي اسٽيڊيم لاهور ۾ قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي سليڪشن ڪميٽي جو اجلاس ٿيندو، جنهن ۾ ٽي ٽوئنٽي ڪپتان شاهد آفريدي به شريڪ هوندو، جڏهن ته هيڊ ڪوچ وقار يونس کان فون تي راءِ ورتي ويندي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ نيوزلينڊ هٿان مسلسل شڪست کانپوءِ رانديگرن جي ڪارڪردگي جو پوسٽ مارٽم ڪيو ويندو، جڏهن ته ڪجهه رانديگرن جي مستقبل جو فيصلو به ڪيو ويندو.

اجلاس ۾ بنگلاديش ۾ ٿيندڙ ايشيا ٽي ٽوئنٽي ڪپ ۽ ڀارت ۾ ٿيندڙ آءِ سي سي ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ لاءِ پاڪستان جي 15 رڪني ٽيم جي چونڊ تي به غور ڪيو ويندو.

ذريعن موجب، قومي ٽيم جي هيڊ ڪوچ وقار يونس عهدي تان استعيفيٰ جي آڇ ڪئي آهي، وقار يونس رانديگرن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪيو آهي ته هو اهڙو ڇا ٻڌائي رهيو آهي، جيڪو انهن کي سمجهه ۾ نٿو اچي…….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*