سپريم ڪورٽ، خيبرپختونخواهه جي تڪ پي ڪي 68 تي نااهل قرار ڏنل اميدوار جاويد اڪبر جي نظرثاني واري درخواست رد ڪري ڇڏي

Supreme Court of Pakistan new

سپريم ڪورٽ، خيبرپختونخواهه جي تڪ پي ڪي 68 تي نااهل قرار ڏنل اميدوار جاويد اڪبر جي نظرثاني واري درخواست رد ڪري ڇڏي آهي.

جسٽس مشير عالم جي سربراهي ۾ سپريم ڪورٽ جي 3 رڪني بينچ اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي خلاف جاويد اڪبر جي درخواست تي ٻڌڻي ڪئي.

ٻڌڻي دوران جاويد اڪبر جي وڪيل منير پراچا دليل ڏنا ته اليڪشن ٽربيونل ڪامياب جاويد اقبال کي نااهل قرار ڏئي غلط فيصلو ڏنو آهي، عدالت نظرثاني ڪري.

جسٽس قاضي فائز  وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته اوهان اميدوار جي تاحيات نااهلي وارو فيصلو چيلينج ئي ناهي ڪيو.

عدالت، پي ڪي 68 تي نااهل قرار ڏنل اميدوار جاويد اڪبر جي اليڪشن ٽربيونل جي فيصلي خلاف نظرثاني واري درخواست رد ڪندي کيس ٽرائل ڪورٽ سان رابطي جي هدايت ڪئي.

واضح رهي ته اليڪشن ٽربيونل جاويد اڪبر کي جعلي ڪاغذ جمع ڪرائڻ تي نااهل قرارڏنو هو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*