بجليءَ جي بريڪ ڊائون سبب ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جي ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪندڙ هڪ پائيپ لائين ڦاٽي پئي

shotige-of-water

بجليءَ جي بريڪ ڊائون سبب ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جي ڪراچي کي پاڻي فراهم ڪندڙ هڪ پائيپ لائين ڦاٽي پئي، لانڍي، گلشن حديد ۽ قائد آباد سميت مختلف علائقن کي پاڻيءَ جي فراهمي معطل ٿي وئي آهي، واٽر بورڊ انتظاميا موجب اڄ شام تائين پائيپ لائين جي مرمت مڪمل ٿي ويندي.

ڌاٻيجي پمپنگ اسٽيشن جي 72 قطر انچ واري پائپ لائين ڦاٽي پئي، جنهن سبب گلشن حديد، قائدآباد ۽ لانڍي سميت ٻين علائقن کي پاڻيءَ جي فراهمي بند ٿي وئي آهي.

واٽر بورڊ جي انتظاميا موجب هاءِ ٽرانسميشن لائين ٽرپ ٿيڻ دوران پاڻيءَ جي دٻاءُ سبب پائيپ لائين ڦاٽي پئي، جنهن جو مرمتي ڪم جاري آهي.

واٽر بورڊ اختيارين موجب پائيپ لائين اڄ شام تائين ٺهي ويندي، جنهن بعد متاثر علائقن ۾ پاڻيءَ جي فراهمي ٻيهر بحال ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*