نوابشاهه ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پيپلزميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال جو دورو، مريضن دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ جون شڪايتون

nawabshah

نوابشاهه ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج پيپلزميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال جو دورو ڪيو ته مريضن دوائن ۽ سهولتن جي کوٽ جون شڪايتون ڪيون، سيشن جج جو چوڻ آهي ته اسپتال کي سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ صحت کاتي کي سفارش ڪئي ويندي.

ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج شهيد بينظير آباد امجد قاضي نوابشاهه جي پيپلزميڊيڪل يونيورسٽي اسپتال جو دورو ڪري مريضن سان ملاقات ڪئي.

سيشن جج جي دوري دوران مريضن اسپتال اندر دوائون نه ملڻ صفائي نه ٿيڻ ۽ ڊاڪٽرز جي کوٽ سميت ٻيون سهولتون فراهم نه  ٿيڻ جون شڪايتون ڪيون.

ان موقعي تي اسپتال اندر مختلف وارڊز جي انچارجن پاران به ڊاڪٽرز جي کوٽ هئڻ جون به شڪايتون ڪيون ويون.

سيشن جج امجد قاضي جو چوڻ هو ته اسپتال ۾ ڊاڪٽرز توڙي دوائن جي کوٽ سميت ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ صحت کاتي کي لکت ۾ سفارش ڪئي ويندي……………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*