ڪنڌڪوٽ ۾ حد دخلين خلاف ڪارروائي ڪرڻ تي شهرين احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو

kandh-kot-protest

ڪنڌڪوٽ ۾ حد دخلين خلاف ڪارروائي  ڪرڻ تي شهرين احتجاجي ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪيو، جڏهن ته سندن مخالفت ۾ ٽي ايم اي ملازمن به احتجاجي مظاهرو ڪري نعريبازي ڪئي.

 شهر ۾حد دخلين خلاف ڪارروايون ڪرڻ خلاف قومي اتحاد جي سڏ تي دلمراد ڏاهاڻي، ممتاز سنڌي ۽ ٻين جي اڳواڻي ۾ ريلي ڪڍي شهر جو گشت ڪرڻ بعد پريس ڪلب آڏو احتجاج ڪيو ويو.

اڳواڻن چيو ته شهر ۾ ميونسپل انتظاميه من پسندن ماڻهن خلاف نه پر غريب پورهيتن خلاف ڪارروايون ڪندي دڪان ۽ گهر ڊاهي رهي آهي.

هنن چيو ته حد دخلين خلاف ڪاررواين جي نالي تي شهر ۾ ڪيترن ئي غريب پورهيتن جا دڪان ڊاهي گهر کي به مسمار ڪيو ويو آهي، جيڪا عوام سان نا انصافي آهي.

هنن مطالبو ڪيو ته حد دخلين جي نالي تي شهر جي غريب پورهيتن خلاف ڪارروايون بند ڪيون وڃن، ٻي صورت ۾ احتجاج جو دائرو ويندو.

ان دوران پورهيت دڻي بخش مهر معصوم ٻارڙن سميت گهر ۽ دڪان ڊاهڻ خلاف پريس ڪلب آڏو بک هڙتال ڪندي پنهنجي ٻن ٻارڙن  کي وڪرو ڪرڻ جا هوڪا ڏنا.

هن چيو ته ميونسپل  انتظاميه حد دخلين جي نالي تي سندن گهر ۽ دڪان ڊاهي پٽ ڪري ڇڏيو آهي، جنهن سبب  هو سخت معاشي پرشاني جو شڪار آهي.

هن وڌيڪ چيو ته ميونسپل انتّظاميه ساڻس ظلم ڪيو آهي، جنهن ڪري هو پنهنجا معصوم ٻارڙا وڪرو ڪرڻ تي مجبور آهي، اعليٰ اختياريون معاملي جو نوٽيس وٺن.

حد دخلين خلاف احتجاج جي مخالفت ۾ ٽي ايم اي ملازمن ٻي پاسي ٽي ايم اي ملازمن ڊي سي ۽ ٽي ايم او  جي حمايت ۾ طاهر سهرياڻي، مصطفيٰ شيخ جي اڳواڻي ۾ ٻوهارا کڻي ريلي ڪڍي، سٽي پارڪ کان پريس ڪلب تائين آمهون سامهون نعريبازي، چڪتاڻ بعد پوليس پهتي،. مخالفت وارن چيو ته انتظاميه انتقامي ڪاررواين ڪري من پسند ماڻهن ماڻهن خلاف ڪارروائي نه پئي ٿي غريب ماڻهو بيروزگار ٿيا ۽ حمايتن جو چوڻ آهي ته بليڪ ميلر ڀتا خور آهن، شهر ۾ڊي سي ٽي ايم او حد دخليون هٽائي رهيا آهن

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*