اوگرا پهرين فيبروري کان پيٽروليم شِين جي اگهن ۾ في ليٽر 11 رپيا کان وڌيڪ سستو ڪرڻ جي تجويز

Pakistan-Petrol-ogra-30-7

اوگرا پهرين فيبروري کان پيٽروليم شِين جي اگهن ۾ في ليٽر 11 رپيا کان وڌيڪ سستو ڪرڻ جي تجويز ڏيندي سمري پيٽروليم واري وزارت ڏانهن اماڻي ڇڏي آهي.

ذريعن موجب، اوگرا پيٽروليم واري وزارت ڏانهن اماڻيل سمري ۾ پيٽرول 7 رپيا 56 پئسا ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل 11 رپيا سستو ڪرڻ جي سفارش ڪئي وئي آهي.

ذريعن جو چوڻ آهي ته اي او بي سي ايڇ او بي سي 10 رپيا 15 پئسا سستو ڪرڻ جي تجويز  ڏني وئي آهي.

ذريعن چيو ته اوگرا لائيٽ ڊيزل 7 رپيا 36 پئسا، گاسليٽ 8 رپيا 17 پئسا سستو ڪرڻ جي تجويز ڏئي ڇڏي آهي.

ناڻي واري وزارت پاران سمري جي منظوري جي صورت ۾ پهرين فيبوري کان نوان اگهه لاڳو ٿيندا………………

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*