سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٿر جي صورتحال تي بحث دوران اپوزيشن ميمبرز جي سنڌ حڪومت تي سخت تنقيد

sindh-assembly11-12-15

سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ ٿر جي صورتحال تي بحث دوران اپوزيشن ميمبرز جي سنڌ حڪومت تي سخت تنقيد، ٿر ۾ خوراڪ ۽ صحت جون سهولتون اڻپوريون قرار، وڏي وزير کان ٿر جي عورتن  بابت ڏنل بيان تي معافي وٺڻ جو مطالبو، حڪومتي ميمبرز جو چوڻ آهي ته  ٿر ۾ صورتحال ايڏي خراب نه آهي جيتري ميڊيا پيش ڪري رهي آهي، ماضيءَ جي حڪومتن توڙي ميڊيا به ٿر جي صورتحال کي نظر انداز ڪيو هو، سرڪار ٿرين جي مدد لاءِ جوڳا قدم کنيا آهن……..

سنڌ اسيمبلي جو اجلاس اسپيڪر آغا سراج دراني جي صدارت هيٺ جاري آهي، ٿر صورتحال تي بحث دوران متحده جي معين عامر پيرزاده چيو  ته ٿر ۾ غذائيت  ۽ پاڻي جي فراهمي واريون دعوائون رڳو ڪاغذن ۾ موجود آهن.

فنڪشنل ليگ ايم پي اي سعيد خان نّظاماڻي چيو ته رڳو ٿرپارڪر نه پر اڇڙي ٿر ۾ به صورتحال خراب آهي.

ايم ڪيو ايم جي پونجو مل ڀيل وڏي وزير کان ٿري عورتن جي تذليل واري بيان تي معافي وٺڻ جو مطالبو ڪندي چيو ته ٿر ۾ سمورا آر او پلانٽس ناڪاره بڻيل آهن.

فنڪشنل ليگ جي مهتاب اڪبر راشدي چيو ته ٿر ۾ سڀ کان وڏو مسئلو پاڻي جو آهي ان ڪري ٿر کي ماضي ۾ آباد ڪندڙ هاڪڙو درياهه جي بحالي لاءِ اپاءَ وٺڻا پوندا.

مهتاب اڪبر راشدي چيو ته ٿر ۾ چراغاهن جي بحالي سيمت ٿر جي نوجوانن کي روزگار ڏيڻ لاءِ فيڪٽريون لڳائڻ جي ضرورت آهي.

پ پ ايم پي اي سردار شاهه چيو ته ٿر کي ماضي ۾ حڪومتن ۽ ميڊيا نظر انداز ڪيو ۽ هاڻي سڀ کان اڳ ۾ ٿر ۾ پاڻي جو مسئلو حل ڪرڻو پوندو.

ايم ڪيو ايم جي ارم فاروقي چيو ته ٿر جا  ماڻهو  سون جي کاڻين مٿان رهن ٿا پر پيئڻ جي پاڻي لاءِ پريشان آهن.

هن چيو ته هڪ رپورٽ موجب ٿر جي  جر ۾ سينکيو ۽ فلورائيڊ جو وڏو مقدار موجود آهي، اسان کي پتو لڳائڻو پوندو ته ٻارڙن جي فوت ٿيڻ جو هڪ ڪارڻ اهو ته ناهي.

فنڪشنل ليگ جي نصرت سحر عباسي چيو ته ٿر جي ترقي لاءِ حڪومت پاران رڳو اعلان ڪيا ويا پر عمل ڪجهه به نه ٿيو آهي.

هن چيو ته ٿر ۾ ڊاڪٽرز جون 300 پوسٽون خالي پيل آهن ۽ اتي ڊيوٽي ڪندڙ ڊاڪٽرن کي سهولتون نه پيون ملن، جنهن سبب اهي ڊيوٽي ڪرڻ لاءِ تيار ناهن.

نصرت سحر عباسي چيو ته ٿر ۾ 3 سالن دوران غربت سبب هڪ سئو 22 ماڻهن آپگهات ڪيو  ۽ 4مائرن پنهنجي ٻارڙن سوڌو زندگي جو انت آندو.

ايم ڪيو اين جي رئوف صديقي چيو ته ٿر صورتحال جي رڳو سنڌ حڪومت نه پر  وفاقي سرڪار به ذميوار آهي.

رئوف صديقي ٿر ۾ خوراڪ ۽ دوائن جي کوٽ ختم ڪرڻ ۽ سموري ضلعي ۾ ايمبولنس سروس شروع ڪرڻ جي تجويز ڏني.

فنڪشنل ليگ جي امتياز شيخ چيو ته حڪومت جي غلط پاليسين سبب ٿر ۾ ٻارڙا فوت ٿي رهيا آهن، سموري دنيا جون نظرون ٿر جي ڪوئلي تي کتل آهن، پر حڪومت ڪي به قدم نه پئي کڻي.

سنڌ اسپيڪر جي ڊپٽي اسپيڪر شهلا رضا چيو ته ٿرپارڪر ۾ ٻارڙن جي  فوت ٿيڻ واري معاملي تي وڌيڪ ڌيان ڏيڻ جي ضرورت آهي.

پ پ ايم پي اي مهيش ڪمار ملاڻي چيو ته ٿر ۾  ٻار غذائيت جي کوٽ سبب  نه پيا مرن ۽ عورتن ۾ غذائيت جي کوٽ واري ڳالهه ڪرڻ ٿري عورتن جي تذليل برابر آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*