ڪراچي جي آرام باغ واري علائقي ۾ گهر جي ڇت ڪِرڻ جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا

Karachi-Saddar

ڪراچي جي آرام باغ واري علائقي ۾ گهر جي ڇت ڪِرڻ جي نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا.

آرام باغ جي حقاني چوڪ وٽ هڪ عمارت جي ڇت ڌماڪي سان ڪري پئي، جنهن جي نتيجي ۾ 45 ورهين جي مسمات شاهده، عمران ۽ 15 ورهين جي قرت العين زخمي ٿي پيا.

رهواسين زخمين کي ٻاهر ڪڍي سول اسپتال منتقل ڪيو، جتي کين طبي امداد فراهم ڪئي وئي.

علائقي واسين موجب گهر جي عمارت ڪمزور هجڻ سبب واقعو پيش آيو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*