نيوزيلينڊ خلاف پهرئين ون ڊي ميچ دوران پير زخمي ٿيڻ سبب ٽئين ميچ ۾ به سندس شرڪت مشڪوڪ بڻجي وئي

pak-newsz

نيوزيلينڊ خلاف پهرئين ون ڊي ميچ دوران پير زخمي ٿيڻ سبب ٽئين ميچ ۾ به سندس شرڪت مشڪوڪ بڻجي وئي آهي.

پاڪستان ۽ نيوزيلينڊ خلاف ٽين ون ڊي ميچ آچر تي کيڏي ويندي، جنهن کان اڳ قومي ٽيم پريڪٽس به ڪئي آهي.

شعيب ملڪ پير زخمي ٿيڻ سبب اڃا تائين مڪمل طور تي فٽ نه ٿي سگهيو آهي، ڇنڇر ڏينهن ٽريننگ سيشن دوران شعيب جي فٽنيس ٽيسٽ ورتي ويندي، جنهن بعد کيس ڪيويز خلاف ٽين ميچ کيڏائڻ يا نه کيڏائڻ جو فيصلو ڪيو ويندو.

آل رائونڊر شعيب ملڪ جي فٽ نه ٿيڻ جي صورت محمد رضوان يا اسد شفيق کي قومي ٽيم ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*