ملير ۾ ڪورٽ جي مال خاني تي اينٽي ڪرپشن جي ڇاپي دوران هٿيار ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ٿيڻ جو انڪشاف

malir-court

ملير ۾ ڪورٽ جي مال خاني تي ڇاپي دوران هٿيار ۽ ٻئي قيمتي سامان جي چوري ٿيڻ واري انڪشاف بعد اينٽي ڪرپشن مال خاني جي انچارج اي ايس آءِ عبدالله سميت ٽن ملازمن کي گرفتار ڪري ورتو، ڪراچي جي سرجاني پروجيڪٽ جي آفيس تي ڇاپو هڻي پروگرام ڊائريڪٽر شهزاد علي جي ساٿي کي گرفتار ڪري ورتو آهي.

اينٽي ڪرپشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اعجاز شيخ جي اڳواڻيءَ ۾ ٽيم ملير ڪورٽ جي مال خاني تي ڇاپو هڻي رڪارڊ جي ڇنڊڇاڻ ڪئي.

ڪارروائي دوران مال خاني ۾ جمع ٿيل هٿيار ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو، جنهن تي مال خاني جي انچارج اي ايس آءِ عبدالله، ٻن اهلڪارن عتيق ۽ عابد کي گرفتار ڪيو ويو.

اينٽي ڪرپشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر اعجاز شيخ موجب سيشن جج پاران مال خاني مان چوري بابت لکيل خط جي روشنيءَ ۾ ڪارروائي ڪئي وئي، وڌيڪ جاچ ڪئي پئي وڃي.

قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن سرجاني ٽائون پروجيڪٽ جي آفيس تي ڇاپو هنيو، جتان پروگرام ڊائريڪٽر شهزاد علي جي ساٿي کي گرفتار ڪيو ويو.

ڪارروائي دوران اهلڪار پراجيڪٽ آفيس مان ڪجهه فائيلز به کڻي ويا، پروگرام ڊائريڪٽر تي ڪروڙين رپين جي ڪرپشن جو الزام آهي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*