نيب لياري رڪشا اسڪيم ۾ 42 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن خلاف ڪارروائي، صوبائي وزير جو سيڪريٽري گرفتار

nab-logo-08

نيب لياري رڪشا اسڪيم ۾ 42 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن خلاف ڪارروائي ڪندي اڳوڻي صوبائي وزير اختر جدون جي سيڪريٽري کي گرفتار ڪري ورتو آهي، نيب اختيارين موجب اسڪيم جي 2 هزار مان صرف 500 رڪشا ورهايا ويا.

نيب لياري رڪشا اسڪيم ۾ 42 ڪروڙ رپين جي ڪرپشن جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جنهن سلسلي ۾ ڪراچي ۾ ڪارروائي ڪري اڳوڻي صوبائي وزير اختر جدون جي سيڪريٽري کي گرفتار ڪيو ويو آهي.

نيب ذريعن موجب لياري جي 2 هزار غريب ماڻهن کي روزگار ڏيڻ جي سلسلي ۾ 2 هزار رڪشا ورهائڻ واري اسڪيم شروع ڪئي وئي، جن مان صرف 500 رڪشا مستحق ماڻهن کي ڏنا ويا.

نيب ذريعن موجب 15 سئو رڪشا ڏيڍ کان اڍائي لک رپيا في رڪشا وڪرو ڪري 42 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ ڪرپشن ڪئي وئي، جنهن سلسلي ۾ اڳوڻي صوبائي وزير اختر جدون کي طلب ڪيو ويو، جيڪو نه اچڻ تي ڪارروائي ڪئي وئي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*