ڳڙهي خيري ويجهو پوليس مبينا مقابلي ۾ ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ

ghari-kharo-police

ڳڙهي خيري ويجهو پوليس مبينا مقابلي ۾ ٻن ڏوهارين کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي، جڏهن ساڳين جوابدارن کي ڊي ايس پي ڳڙهي خيرو 3 ڏينهن اڳ گرفتار ڪرڻ جي تصديق ڪئي هئي.

دوداپور ٿاڻي جي پوليس موجب پراڻي ٿاڻي جي حد ۾ ڪارروائي دوران مقابلي ۾ ڏوهاري رشيد سيال ۽ مراد عرف مرادو جٽ کي زخمي حالت ۾  گرفتار ڪيو ويو آهي.

 پوليس موجب گرفتار جوابدار قتل ۽ ڦر جي وارداتن ۾ ملوث آهن، جن وٽان 2 ٽي ٽي پسٽل به هٿ ڪيا ويا آهن، جوابدارن  کان وڌيڪ جاچ ڪئي ويندي.

واضح رهي ته 3 ڏينهن اڳ ڊي ايس پي ڳڙهي خيرو ممتاز کهڙو ٻنهي جوابدارن کي گرفتار ڪرڻ جي تصديق ڪئي هئي………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*