شڪارپور سانحي ۾ شهيد ٿي ويل 66 ڄڻن جي پهرين ورسي ملهائي پئي وڃي

shikarpur-sanah

شڪارپور سانحي ۾ شهيد ٿي ويل 66 ڄڻن جي پهرين ورسي ملهائي پئي وڃي، شهر جي لکي در چوڪ تي تقريب منقعد ڪئي وئي آهي، جنهن دوران سڪيورٽي انتظام سخت ڪيا ويا آهن، سنڌ سرڪار ڪيس فوجي عدالت اماڻڻ، شهيدن جي وارثن کي نوڪريون ڏيڻ سميت 8 نقطن تي اڃا تائين عمل نه ڪيو آهي.

شڪارپور جي قربلا معليٰ امام بارگاهه تي ڌماڪي  جي نتيجي ۾ شهادت ماڻيندڙ 66 ڄڻن جي پهرين ورسي ملهائي پئي وڃي.

ورسي موقعي تي شهر جي لکي در چوڪ تي شهيدن جي ياد ۾ تقريب منعقد ڪئي وئي آهي، جنهن کي مختلف شيعا اڳواڻ خطاب ڪندا.

ورسي تقريب لاءِ لکي در چوڪ وٽ سڪيورٽي جا انتظام سخت ڪندي ايندڙ ويندڙ رستا سيل ڪندي پوليس جي وڏي نفري کي مقرر ڪيو ويو آهي.

شڪارپور سانحي ۾ 66 نمازي شهيد ٿيا هئا ۽ 70 کان وڌيڪ زخمي ٿيا هئا، سنڌ حڪومت پاران ڪيل اعلانن تي به اڃا تائين مڪمل عمل نه ٿي سگهيو آهي.

حڪومت پاران شهداءَ ڪميٽي سان ڪيل معاهدي تحت سانحي جو ڪيس فوجي عدالت اماڻڻ، شهيدن جي وارثن کي نوڪريون ڏيڻ ۽ شهيدن جي نالي يادگار تعمير ڪرائڻ سميت 8 نقطن تي عمل ناهي ڪيو ويو………………..

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*