اقتصادي راهداري منصوبي ۾ ڊيرا غازي خان، جهل مگسي کان رتيديري، خضدار وارو روٽ شامل نه ڪيو ويو ته بلوچستان سان زيادتي ٿيندي :يارمحمد رند

yar-muhmad-rand

بلوچستان ۾ پي ٽي آءِ جَي چيف آرگنائيزر سردار يارمحمد رند چيو آهي ته اقتصادي راهداري منصوبي ۾ ڊيرا غازي خان، جهل مگسي کان رتيديري، خضدار وارو روٽ شامل نه ڪيو ويو ته بلوچستان سان زيادتي ٿيندي.

جعفرآباد ويجهو خان ڳڙهه جمالي ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ مير اورنگزيب جمالي جي چانهه پارٽي ۾ شرڪت بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي سردار يار محمد رند چيو ته بلوچستان ۾ بدامني جو خاتمو آڻڻ وقت جي اهم ضرورت آهي.

هن چيو ته بلوچستان جي سبي ۽ نصيرآباد ريجن ۾ ٽيڪنيڪل ٽريننگ سينٽر، زرعي يونيورسٽي ۽ انجنيئرنگ يونيورسٽين جي سخت ضرورت آهي، جنهن سان هزارين نوجوان بهتر تعليم حاصل ڪري سگهندا.

سردار يارمحمد رند چيو ته ايندڙ حڪومت پي ٽي آءِ جي هوندي، جنهن ۾ بلوچستان جا فيصلا تخت لاهور بدران صوبي اندر ٿيندا، جڏهن ته بلوچستان ۾ امن خاطر سڪيورٽي ادارن جي جائز ڪاررواين جي حمايت جاري رکي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*