ٻڌايو وڃي ته عزير بلوچ ڪنهن وٽ هو ۽ ڪيتري وقت کان انهن وٽ هو:نثار کهڙو

nisar-khoro

سنڌ جي سينئر ۽ تعليم واري وزير نثار کهڙي چيو آهي ته  هو عزير بلوچ بابت ڪجهه به نٿو ڄاڻي ۽ نه ئي ان جي گرفتاري بابت کيس ڄاڻ آهي، تعليم واري وزير چيو ته ٻڌايو وڃي ته عزير بلوچ ڪنهن وٽ هو ۽ ڪيتري وقت کان انهن وٽ هو.

ڪراچي جي شاهنواز شر ڳوٺ ۾ ڪاليج جي افتتاحي تقريب بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي نثار کهڙي چيو ته جيڪڏهن عزير بلوچ گرفتار ٿيو آهي ته ان بابت کيس ڪابه ڄاڻ ناهي ۽ نه وري عزير بلوچ جي گرفتاري سان پيپلز پارٽي پريشان آهي.

هڪ سوال جي جواب ۾ نثار کهڙي چيو ته هو عزير بلوچ کي نٿو سڃاڻي، سنڌ ۾ ٻيا به مسئلا گهڻا آهن.

تعليم واري وزير چيو ته جيڪڏهن عزير بلوچ ڪيسن ۾ گهربل هو ته سيڪيورٽي ادارن کي ان کي گرفتار ڪرڻ گهرجي ها.

تعليم واري وزير چيو ته چوڌري نثار هر ڀيري ڪونه ڪو مسئلو اٿاريندو آهي.

نثار کهڙي چيو ته  ميئر جي حلف برداري بعد اختيارن تي ڳالهه ٿيندي ۽ ميئر کي آئين ۽ قانون تحت اختيار ملندا.

هن چيو ته ڪراچي جي حالتن جي ذميوار سنڌ حڪومت نه پر مڪاني ادارا آهن ، جن کي اربين رپين جا فنڊز جاري ڪيا ويا، خبر ناهي اهي فنڊز ڪيڏانهن ويا.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*