خيرپور ناٿن شاهه ۾ نادرا عملدارن لاپرواهي جو مظاهرو ڪندي زال ۽ مڙس کي ڀاءُ ۽ ڀيڻ ڄاڻائي سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري ڇڏيا

KN-shah-nadra-kamal

خيرپور ناٿن شاهه ۾ نادرا عملدارن لاپرواهي جو مظاهرو ڪندي زال ۽ مڙس کي ڀاءُ ۽ ڀيڻ ڄاڻائي  سڃاڻپ ڪارڊ جاري ڪري ڇڏيا آهن.

نادرا عملي مدينه ڪالوني جي رهواسي منور علي کوسو ۽ ان جي زال رحيمان کي پنهنجي سڃاڻپ ڪارڊ ۾ ڀاءُ ۽ ڀيڻ ڄاڻائي ڇڏيو آهي.

منور علي کوسو جو چوڻ آهي ته نادراه عملدارن سان جڏهن ته غلطي جي درستي لاءِ چيو ويو ته عملدارن پاران رشوت طلب ڪئي آهي.

هن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته لاپرواهي ڪندڙ نادراه عملدارن خلاف ڪارروائي ڪئي وڃي……………….

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*