بالي ووڊ اسٽار هرش ورڌن راني ۽ پاڪستاني اداڪاره ماورا حسين نئين فلم “صنم تيري قسم” جي مشهوري مهم تيز ڪري ڇڏي

sanm-tari-qasim

بالي ووڊ اسٽار هرش ورڌن راني ۽ پاڪستاني اداڪاره ماورا حسين نئين فلم “صنم تيري قسم” جي مشهوري مهم تيز ڪري ڇڏي آهي.

صنم تيري قسم ممبئي ۾ رهندڙ ناري ۽ ڇوڪري جي پريم ڪهاڻي تي ٻڌل آهي، فلم جا ڊائريڪٽر وِنــَي سپرو ۽ راڌيڪا رائو آهن.

اداڪار هرش ورڌن راني جو چوڻ هو ته سندس لاءِ سڀ کان اهم ڳالهه اها آهي ته هي فلم ان جوڙي جي ڊائريڪشن ۾ ٺهي آهي، جن 70 کان 80 بلاڪ بسٽر فلمون ڏنيون آهن ۽ جن “دبنگ” ۽ “پريم رتن ڌن پايو” جي موسيقي ترتيب ڏني آهي.

ماورا حسين جو چوڻ هو ته پهرين فلم ۾ کيس تمام اهم رول مليو آهي ۽ سندس اهڙو ڪردار آهي جيڪو کيس ايندڙ 10 سالن تائين اهڙو ڪردار نه ملندو.

صنم تيري قسم 5 فيبروري تي سينيما گهرن ۾ رليز ڪئي ويندي.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*