پاپ سنگر ماريا ڪيري ۽ آسٽريلوي واپاري جيمز پيڪر مڱڻي کانپوءِ پهريون ڀيرو گڏجي عوام آڏو آيا

marrige

پاپ سنگر ماريا ڪيري ۽ آسٽريلوي واپاري جيمز پيڪر مڱڻي کانپوءِ پهريون ڀيرو گڏجي عوام آڏو آيا آهن.

ماريا ڪيري ۽ سندس مڱيندو لاس اينجلز ۾ هڪ تقريب ۾ شرڪت ڪئي، ان موقعي تي ماريا ڪيري مڱڻي جي 35 قيراط واري هيري جي منڊي به سڀني کي ڏيکاريندي رهي.

پاپ سنگر ۽ آسٽريلوي بزنسمين هلندڙ مهيني جي شروع ۾ مڱڻي ڪئي هئي، ڪيري جي هي ٻي شادي هوندي، ان کان اڳ ڪيري سنگر ۽ اداڪار نــِڪ ڪينن سان شادي ڪئي هئي، جنهن مان کين کيس ٻه ٻار به آهن.

ماريا ڪيري “سوئيٽ سوئيٽ فينٽيسي” جي عنوان هيٺ يورپ جو دورو شروع ڪري رهي آهي، جنهن جو پهريون ڪنسرٽ 15 مارچ تي گلاسگو ۾ ٿيندو…

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*