اسڪرين ايڪٽرز گلڊ ايوارڊ لاءِ ريڊ ڪارپيٽ وڇائجي ويو،تقريب ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ شروع ٿي ويندي

read-carpit

هالي ووڊ ۾ ايوارڊز سيزن عروج تي آهي، اسڪرين ايڪٽرز گلڊ ايوارڊ لاءِ ريڊ ڪارپيٽ وڇائجي ويو آهي ۽ تقريب ڪجهه ڪلاڪن کانپوءِ شروع ٿي ويندي.

لاس اينجلس جي ميئر ايرِڪ  گريسيٽي به اسڪرين ايڪٽرز گلڊ ايوارڊ جي صدر  جو بيٿ وليمز، اداڪاره لي ڊيلاريا ۽ ٻيا به ڪارپيٽ وڇائڻ واري موقعي تي موجود هئا.

سيگ ايوارڊ جي تقريب لاس اينجلس شرائن آڊيٽوريم ۾ ٿيندي، ايوارڊ لاءِ نامزدگيون ماڻيندڙن ۾ “بيسٽس آف نو نيشن”، دي بگ شارٽ”، “اسپاٽ لائيٽ”، “اسٽريٽ آئوٽا ڪامپٽن” ۽ “ٽرمبو”  شامل آهن.

ايوارڊ تقريب دوران ڪيرول برنيٽ کي اسڪرين ايڪٽرز گلڊ جو لائيف ٽائيم اچيومينٽ ايوارڊ به ڏنو ويندو.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*