ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت ڊاڪٽر عاصم سان گڏ نامزد سمورن جوابدارن جا ٻيهر گرفتاري وارنٽ جاري

dr-asim-11-12-15

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت دهشتگردن جو علاج ڪرڻ ۽ سندن مالي مدد ڪرڻ واري ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم سان گڏ نامزد سمورن جوابدارن جا ٻيهر گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن، عدالت ڊاڪٽر عاصم جي فيئر ٽرائل لاءِ دستاويزن جون ڪاپيون فراهم ڪرڻ بابت ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل جي درخواست تي 4 فيبروري تائين فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

دهشتگردن جو علاج ڪرڻ ۽ دهشتگردن جي مالي مدد ڪرڻ واري ڪيس جي اي ٽي سي ۾ ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران ڊاڪٽر عاصم کي پيش ڪيو ويو، جڏهن ته ساڳي ڪيس ۾ نامزد وسيم اختر ۽ رئوف صديقي به پيش ٿيا.

جاچ آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار سليم شهزاد بابت ڄاڻ لاءِ نادرا ۽ اليڪشن ڪميشن کي لکيو ويو  پر ڪابه ڄاڻ نه ڏني وئي، جنهن تي جج حيرت جو اظهار ڪندي چيو ته سليم شهزاد ايم اين اي رهيو آهي پر نادرا وٽ ان جي سڃاڻپ ڪارڊ جو رڪارڊ نه آهي.

جاچ آفيسر عدالت کي اهو به ٻڌايو جوابدار انيس قائم خاني ۽ قادر پٽيل بابت ايف آءِ اي کي خط لکيو ويو آهي.

ٻڌڻي دوران ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل عدالت آڏو دليل ڏيندي چيو ته هن ملڪ جو الائي ڪهڙو حشر ڪيو ويو آهي، جنهن تي جج وڪيل سان مخاطب ٿيندي چيو ته ملڪ جو اهڙو حشر  ته اوهان ئي ڪيو آهي.

عدالت  ڪيس ۾ ڊاڪٽر عاصم سان گڏ نامزد سمورن جوابدارن جا ٻيهر گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا آهن.

 عدالت ڊاڪٽر عاصم جي فيئر ٽرائل لاءِ دستاويزن جون ڪاپيون فراهم ڪرڻ بابت ڊاڪٽر عاصم جي وڪيل جي درخواست تي 4 فيبروري تائين فيصلو محفوظ ڪري ورتو آهي.

ساڳي ڪيس ۾ گرفتار جوابدار عثمان معظم کي جيل ۾ بي ڪلاس ڏيڻ واري درخواست تي عدالت ڪراچي سينٽرل جيل جي سپرينٽينڊنٽ کي 4  فيبروري تائين جواب داخل ڪرائڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*