ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي انتظامي جج رينجرز هٿان گرفتار عزير بلوچ کي 90 ڏينهن جي رمانڊ تي رينجرز حوالي ڪري ڇڏيو

Uzair--Court-30-1

ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت جي انتظامي جج رينجرز هٿان گرفتار عزير بلوچ کي 90 ڏينهن جي رمانڊ تي رينجرز حوالي ڪري ڇڏيو، عدالت عزير بلوچ کان جاچ لاءِ گڏيل جاچ ٽيم جوڙڻ واري درخواست به منظور ڪري ورتي، عزير بلوچ جي وڪيل خواجه نويد چيو آهي ته عزير بلوچ تي الزامن بابت ڪا به فهرست پيش نه ڪئي وئي آهي.

رينجرز گذريل رات ڪراچي جي حدن مان گرفتار ڪيل عذير بلوچ کي سخت پهري هيٺ اي ٽي سي جي انتظامي جج وقار شاهه آڏو پيش ڪيو.

رينجرز عذير بلوچ بابت جوڙيل شروعاتي رپورٽ عدالت ۾ پيش ڪئي، جنهن ۾ کيس دهشتگرد قرار ڏنو ويو آهي.

رينجرز رپورٽ ۾ چيو آهي ته عذير بلوچ ڀتا خوري، قتل، ڀنگ لاءِ اغوا سميت ڪيترن ئي ڏوهن ۾ ملوث آهي ۽ سندس سر تي انعام به رکيل هو.

رينجرز عدالت کي عذير بلوچ کان پڇا ڳاڇا لاءِ جَي آءِ ٽي جوڙڻ جي درخواست ڏني.

عدالت رينجرز جي درخواست منظور ڪندي عذير بلوچ کان جاچ لاءِ 15 ڏينهن اندر جي ٽي آءِ جوڙڻ جي هدايت ڪئي.

عزير بلوچ جي وڪيل خواجه نويد چيو آهي ته عزير بلوچ تي الزامن بابت عدالت ۾ ڪا به فهرست پيش نه ڪئي وئي آهي.

هن چيو ته عذير بلوچ جي گرفتاري هاڻي ظاهر ڪئي وئي آهي، کيس مٺارام هاسٽل ۾ رکيو ويندو.

عدالت کان رمانڊ وٺڻ بعد رينجرز عذير بلوچ کي سخت پهري هيٺ رينجرز هيڊ ڪوارٽر منتقل ڪيو.

پابندي مڙهيل پيپلز امن ڪميٽي جي سربراهه عذير بلوچ خلاف، لياري گينگ وار جي ڏوهاري ارشد پپو جي قتل، ڀتا خوري، ڦر ۽ ڌاڙن ۽ اغوا سميت ڪيترائي ڪيس داخل آهن.

پنهنجو رايو هتي ڏيو

Your e-mail address will not be published.
Required fields are marked*